انتخاب شعراءِ فارسي (قلمي)

انتخاب شعراءِ فارسي (قلمي)

انتخاب شعراءِ فارسي قلمي

انتخاب شعراءِ فارسي (قلمي): هي قلمي بياض سنڌ جي نامور شاعر ۽ تاريخدان مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو مرتب ڪيل آهي. هن ۾ علي شير قانع، سنڌ، هند ۽ ايران جي مختلف نامور شاعرن جو ڪلام گڏ ڪيو آهي. غزلن جو هي مجموعو ناياب ذخيرو آهي. ڪتاب جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’اين آئينه را روشن کند و نگهداشت‘
۽ اختتام هن شعر تي ٿئي ٿو:
’خاک نشيني اين سليمانم‘
198 صفحن تي مشتمل هي قلمي نسخو خود مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ڪتابت ڪيل آهي ۽ نسخو خط شڪسته ۾ ڪتابت ٿيل آهي. نسخي ۾ ڪٿي به سن ڪتابت ڄاڻايل نه آهي. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو